اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مظلوم ڪشميري حريت پسندن سان والهاڻي يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪارو ڏينهن ان و??ن کي ورجائڻ سان ملهايو ويو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ريفرنڊم ذريعي ڪشميرين جي خ??دم??تياري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد جا??ي رکي ويندي. 27 آڪٽوبر تي پاڪستان جي سمورن ننڍن وڏن شهرن ۾ ڪاري ڏينهن جي موقعي تي واڪ، سيمينارز ۽ سمپوزيم منعقد ٿيا جڏهن ته ميڊيا جي ذريعي سڄي دنيا جي انساني حقن جي علمبردارن ۽ گڏيل قومن جي پنج وڏين طاقتن جي حڪمرا??ن کي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلم ۽ ڏاڍ بابت آگاهه ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ڳالهه جو مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير جي پراڻي مسئلي کي گڏيل قومن جي قراردادن موجب حل ڪيو وڃي ۽ معصوم ڪشميري مسلمانن تي جا??ي ڀارتي فوج جي وحشياڻي ظلم ۽ تشدد جي سل??لي کي روڪيو وڃي.