اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو آهي ته حڪومت قانون جي هڪجهڙي لاڳو جي حوالي سان ڪا به رعايت نه ڪندي، ميان نواز شريف کي وطن واپسي آڻڻ لاءِ سمورا قدم کنيا ويندا، ا??ن آر او جي حوالي سان حڪومت بليڪ ميل نه ٿي??دي، جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته ماضي ۾ ڏنل ا??ن آر اوز جي ڪري ملڪ جي قرضن ۾ ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ اضافو ٿي?? آهي ۽ ملڪ کي قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو ويو آهي، ڪابينا بلوچستان حڪومت جي درخواس?? تي بليدا ٽائون انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ پراجيڪٽ لاءِ فرنٽيئر ڪور بلوچستان ڏکڻ لاءِ ٻن پلٽو??ن جي منظوري به ڏني. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ تازين برساتن جي نتيجي ۾ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي عوام جي مشڪلاتن جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان جي ازالي لاءِ قدمن جي ضرور?? تي زور ڏنو ويو، اجلاس کي قبائلي علائقن جي انضمام کانپوءِ ڪوٽا جي نظام ۽ انهن علائقن ۾ عوام کي ملڪ جي ٻين علائقن جي برابر آڻڻ جي حوالي سان ڪوٽا سسٽم جي اهمي?? تي بريفنگ ڏني وئي، و??يراعظم عمران خان ان حوالي سان چيو ته گهٽ ترقي يافته ۽ پوئتي پيل علائقن ۽ طبقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ موجود حڪومت جي اولين ترجيح آهي، ڪوٽا سسٽم پهرين وانگر جاري آهي جنهن جو مقصد پوئتي پيل ماڻهن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ آهي، هن چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوٽا سسٽم ۾ انصاف هجي.