اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي و??ير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سياچن ڪالهه به اسان جو هو ۽ اڄ به اسان جو آهي، اسان جي منزل سري نگر ان خواب جي تعبير آهي جيڪو قائداعظم ڏٺو هو. نئون سياسي نقشو جاري ڪرڻ جي موقعي تي پرڏيهي و??ير حڪومت ۽ عوام ??ي مبارڪباد ڏيندي چيو ته اڄ جاري ڪيل نئون نقشو پاڪستان جو نقشو هوندو، وفاقي ڪابينا نئين سياسي نقشي جي باقاعده منظوري ڏني آهي جڏهن ته نئون سرڪاري نقشو پاڪستاني قوم جي ترجماني ڪري ٿو. نقشي ۾ لائن آف ڪنٽرول کي و??ضح طور تي ڏيکاريو ويو جڏهن ته نئين نقشي ۾ سياچن کي پاڪستان جو علائ??و ڏيکاريو ويو آهي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير هاڻي پاڪستان جي نقشي جو حصو آهن. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي جاگرافيائي حدن جو تعين ڪري ڇڏيو آهي. اڄ کانپوءِ اهو نقشو سڄي ملڪ ۾ استعمال ٿيندو.