اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان پنجاب جي سيني??ر وزير عبدالعليم خان هتي ملاقات ڪئي ۽ پنجاب ۾ اٽي ۽ ڪڻڪ جي ص??رت??ال تي کيس تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم ميڊيا آ??يس پاران جاري پڌرائي موجب ??ن موقعي تي وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪٿي به اٽي ۽ ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي يا کوٽ نه ٿيڻ گهرجي. پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان وزيراعظم پاران پنجاب حڪومت جي تجويزن سان اتفاق تي ان جا ٿورا مڃيندي چيو ته هڪ لک ٽن ڪڻڪ جي درآمد سان اٽي جي ص??رت??ال ۾ وڌيڪ بهتري ايندي.