اسلام آباد – 03 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ج?? صدارت ۾ وفاقي گادي واري شهر، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ??وبي جي وڏن شهرن ج?? ماسٽر پلان کي نئين سر ترتيب ڏيڻ جي حوالي سان جائزي اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ ماحوليات واري صلاحڪار ??لڪ امين اسلم، قومي اسيمبلي ميمبر ۽ ماهر ٽائون پلاننگ خيال زمان، نئين پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين، هائوسنگ جي سيڪريٽري ۽ ٻين سينئر عملدارن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پنجاب جي چيف سيڪرٽري سميت پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ??وبي جا اعليٰ عملدار وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ??وبي جي وڏن شهرن ج?? ماسٽر پلا??ز جو حاضر دور جي ضرورتن موجب هم آهنگ ڪرڻ ۽ نئين سر جوڙڻ جي حوالي سان هيستائين ج?? اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.