ڪوئيٽا – 09 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان صوبي ۾ کاڌي پيت?? جي ضروري شين جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ معاشي س??گرمين جي رواني، روزگار جي موقعن جي فراهمي ۽ غربت ۾ گهٽتائ?? جي حوالي س??ن هڪ موثر ۽ جامع حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته ان ڏس ۾ مختلف شعبن س??ن لاڳاپيل ماهرن تي ٻڌل هڪ ٿنڪ ٽينڪ جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن بلوچستان صوبي ۾ ڪورونا وائرس جي صورتحال جي حوالي س??ن بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.