لاهور – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ کي ??يشين ٽائيگر بڻائڻ جو نه پر ملڪ کي مديني جي رياست بڻائڻ جي اصولن تي هلائڻ جو واعدو ڪيو هو ۽ اهو واعدو پورو ڪري ڏيکارين??س، مديني جي رياست جو پهريون اصول انسانيت جي ڀلائي آهي ۽ معاشري جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي ذميداري رياست جي هوندي آهي، غريب ماڻهو جي مشڪلاتن کي ڏسي شوڪت خانم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو، هيلٿ انشورنس ڪارڊ جي ڪري خيبرپختونخوا ۾ عوام ٻيو ڀيرو اقتدار ڏنو ۽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت ڏني، پنجاب ۾ 50 لک خاندانن کي ??حت انشورنس ڪارڊ جاري ڪرڻ تي ڊاڪٽر ياسمين راشد کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن لاهور ۾ انصاف صحت سهولت ڪارڊ ورهائڻ جي تقريب کي ??طاب ڪندي ڪيو.