اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان ۽ ملائيشيا ۾ و??جها ڀائراڻا لاڳاپا آهن جن جو بنياد مذهب، ثقافت ۽ گڏيل ??عت??اد تي قائم آهي، ملائيسيا جي وزيراعظم مهاتير محمد جي گذريل سال پاڪستان جي ڏهاڙي تي اچڻ ۽ پريڊ جي موقعي تي خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ ٻنهي ملڪن جي دوستي جو مظهر آهي. ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ٽوئيٽ ۾ چيو ته وزيراعظم عمران خان جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ ملائيشيا جو ٻيو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ و??ند?? ٻطرفن مضبوط ل??ڳاپن جو عڪاس آهي.