اسلام آباد – 04 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت ??اص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ پاڪستان قائداعظم جي ويزن جي عملي تصوير بڻجي رهيو آهي، ڪرتار پور لنگهه بين المذاهب هم آهنگي جي روشن مثال ۽ پاڪستان ??ي امن جو پيامبر هجڻ جو ثبوت آهي. سيڪولرازم جي نالي تي بڻجندڙ ڀارت اڄ تعصب ۽ نفرت جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، گانڌي ۽ نهرو جو هندستان ??دلجندو نظر اچي ٿو ۽ ”هندوتواستان“ ۾ اقليتن جي بدترين تشدد، ڏاڍ ۽ ستم جو نشانو بڻايو پيو وڃي.