اسلام آباد -26 آگسٽ (اي پي پي)ملڪي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ جاري ڪئلينڊر سال دوران 1.994 ارب ڊالرز جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق گذريل سال جي پڄاڻي تي مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 12.673 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو، جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 8.233 ارب ڊالرز ۽ ڪمرشل بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 4.440 ارب ڊالرز هو. 16 آگسٽ تي ختم ٿيل هفتي ۾ مٽاسٽا جي ملڪي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 14.667 ارب ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جن ۾ اسٽيٽ بئنڪ وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 9.292 ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن جو ڳاڻيٽو 5.376 ارب ڊالرز هو. جاري ڪئلينڊر سال جي شروعات کان هن وقت تائين اسٽيٽ بئنڪ جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 1.058ارب ڊالرز ۽ بئنڪن وٽ مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ 936 ملين ڊالرز جو اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.