اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? ترقياتي م??صو??ن جي تعمير ۾ ڪنهن به قسم جو تعطل قبول نه آهي، ترقياتي م??صو??ن ۾معيار تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو. هن هدايت ڪئي ت?? ترقياتي م??صو??ن کي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ اسلام آباد ۾ جاري وڏن ترقياتي م??صو??ن تي جائزه اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وز??ر راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد ??ان چيما، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي، ڊي جي ايف ڊبليو او، ڊي جي اين ايل سي، سي ڊي اي چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين تعميراتي ڪم جي پاڻ نگراني ڪري معيار کي يقيني بڻائي، ترقياتي م??صو??ن جي لينڊ اسڪيپنگ تي خاص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ت?? ترقياتي م??صو??ن جي لينڊ اسڪيپنگ ڪرڻ وقت عالمي معيار کي نظر ۾ رکيو وڃي. اجلاس کي سي ڊي اي جي اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي م??صو??ن تي اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.