اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 4.9 سيڪڙو رهيو. اقتصادي سروي موجب مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران پر??ئم??ي بيلنس 99.1 ارب روپيا رهيو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 890.2 ارب روپيا خساري سا?? گڏ رڪارڊ ڪ??و وي هو، پر??ئم??ي بيلنس ۾ بهتري سبب نان مارڪ اپ خرچن ۾ گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ تائين ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو ??و اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 6938.2 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو آهي. گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران ڪل محصولن جو ڳاڻيٽو 5874.2 ارب رڪارڊ ڪ??و ويو هو، اقتصادي سروي موجب ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو ??و اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 5617.7 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 4821.9 روپيا رڪارڊ ٿيو هو. جولاءِ کان مارچ تائين نان ٽيڪس روينيو ۾ 25.5 سيڪڙو ??و اضافو ٿيو ۽ اهو گذريل مالي سال جي 1052.2 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 1320.5 ارب روپين تائين پهچي ويو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي خرچن ۾ 18.7 سيڪڙو ??و اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 10،016.9 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 8439.8 ارب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جاري خرچن ۾ 25.3 سيڪڙو ??و اضافو ٿيو ۽ اهو وڌي 9244.6 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران جاري خرچا 7378 ارب روپيا رڪارڊ ڪ??ا ويا هئا . قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 69.1 سيڪڙو جي اضافي سان حڪومتي جاري خرچن ۾ تمام گ??ڻو اضافو ٿيو. قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ اضافي جو بنيادي سبب ملڪي ۽ عالمي سطح تي وياج جي شرح ۾ اضافو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي. جولاءِ کان مارچ تائين جي ترقياتي خرچن ۽ مجموعي لينڊنگ 0.9 سيڪڙو اضافي سان 1060.4 ارب روپيا رڪارڊ ڪ??ا ويا. جيڪي گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1051.1 ارب روپيا رڪارڊ ڪ??و ويو هو. مالي سال جي پهرين 9 مهينن دوران پي ايس ڊي پي 1.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سا?? گڏ 1014.0 ارب روپيا رڪارڊ ڪ??و ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عرصي دوران 1032.7 ارب روپيا رهيو.