بغداد – 05 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي عراق جي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري جي موقعي تي پاڪستا?? ۽ ??راق جي وچ ۾ مفاهمت جي ٻن ياداشتن تي صحيحون ڪيون و??ون. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي ملڪن ثقافي تعاون کي وڌائڻ جي لاءِ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون. ان ک??نس??اءِ سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ تي ويزا جي خاتمي لاءِ پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪيون و??ون. ان کان اڳ عراقي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر فواد حسين سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستا?? ۽ ??راق جي وچ ۾ گهرا دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي پرڏيهي وزيرن تعاون جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن جي وچ ۾ ملاقات ۾ پاڪستا?? ۽ ??راق جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن سميت تعاون جي مختلف رخن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.