اسلام آباد – 02 – جو?? (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌيڪ مستحڪم ٿيندا. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پنهنجي ڀاءُ صدر طيب اردوان جي دعوت تي ان جي ح??ف برداري جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ ترڪيه جي لاءِ روانو ٿي رهيو آهيان، پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران کيس ان جي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏ??ند??. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻا لاڳاپا اسان جي گڏيل عزم ۽ گڏيل تقدير جي ڏس ۾ وڌيڪ گهرا ٿ??ند??. اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ ڪوآپريشن ڪائونسل جو ايندڙ ستون اجلاس اسان جي اسٽريٽجڪ حصيداري کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ صحيح رخ جو تعين ڪندو. هن چيو ته اسان کي اڃا پنهنجي گهڻ رخي لاڳاپن جي صلاحيت مان فائدو کڻڻو آهي ۽ ان رخ ۾ ڪوششون جاري آهن.