اسلام آباد – 11 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم شهباز شريف جي نالي خط لکيو آه?? جنهن ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڱڻ مان عمران خان جي گرفتاري جي طريقيڪار ۽ نتيجن طرف ڌيان ڇڪرائيندي چيو آه?? ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، وزيراعظم مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر وزيراعظم شهباز شريف کي موڪليل خط ۾ چيو آه?? ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ان آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيا جتي عمران خان جي بائيوميٽرڪ جو عم?? جاري هو. هن چيو ته جنهن انداز ۾ ان جي گرفتاري عم?? ۾ آندي وئي اهڙي قسم جو ??اق??و ڪنهن سان نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته آئون عوامي اثاثن کي پهچندڙ نقصان ۽ شرپسندن جي غيرقانوني قدمن تي پريشان آه??ان، آئين ۽ قانون جو محافظ هجڻ جي ناطي آئون اهڙن ??اق??ن جي مذمت ڪريان ٿو، ملڪ هڪ مشڪل دور مان گذري رهيو آه??، اچو تحمل جو مظاهرو ڪريون ۽ پنهنجي تقدير کي بچايون. مهرباني ڪري ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته عمران خان جا آئيني حق پائمال نه ٿين، ان جي جان کي مڪمل تحفظ حاصل هجي. صدر چيو ته وزيراعظم آئين ۽ رولز آف بزنس 1973ع تحت مون کي ملڪ جي موجوده صورتحال کان آگاهه رکي.