لنڊن – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي برطانيا جي دوري جي لاءِ لنڊن پهچي ويو. لنڊن پهچڻ تي پاڪستان جي برطانيا ۾ هاءِ ڪمشنر ۽ برطانيا جي پرڏيهي وزير جي خصوصي نمائندي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پنهنجي دوري دوران برطانيا جي بادشاهه چارلس ٽئين جي ??اج پوشي رسم ۾ شرڪت ڪندو. ان کان??وا??ِ وزيراعظم دولت مشترڪه جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم بادشاهه چارلس ٽئين پاران ??اج پوشي جي تقريب ۾ شرڪت جي لاءِ آيل ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ٿيندڙ دعوت ۾ شرڪت ڪندو جتي وزيراعظم جون ٻطرفيون ملاقاتون پڻ مت??قع آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري دوران لنڊن ۾ ميان محمد نواز شريف سان ملاقات پڻ ڪندو.