اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب عمران خان کان سوال ڪيو آهي ته جيڪڏهن جنرل باجوه آمريڪا کي توهان جي ??لاف ڪيو هو ته پوءِ توهان آمريڪي سازش جي واويلا ڇو ڪئي ۽ سائفر ڇا هو؟ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ??يان تي ردعمل جو اظهار ڪندي مريم ا??رن??زيب چيو ته جيڪڏهن باجوه آمريڪا کي عمران خان جي ??لاف ڪيو ته پوءِ امپورٽيڊ حڪومت ۽ عالمي سازش ڇا هئي؟ جيڪڏهن باجوه ۽ آءِ ايس آءِ ٻڌايو هو ته توهان جا مخالف چور آهن ته پوءِ توهان جا الزام ڇا هئا؟ جنرل توهان کي ۽ توهان 22 ڪروڙ عوام کي ٽرڪ جي ??تيءَ جي پٺيان لڳائي رکيو هو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چار سال پنهنجي ??ماغ سان رڳو ملڪ کي ڦريو باقي سڀ ٻين جي چوڻ تي ڪيو، توهان کي ڪڏهن آءِ ايس آءِ ٻين جي ڪرپشن جو ٻڌايو، ڪڏهن باجوه ٻڌايو توهان جا ثبوت ڪٿي آهن. وفاقي وزير سوال ڪيو ته ڇا باجوه پنهنجي ??وسيع جي لاءِ آمريڪا مان لابنگ ڪري رهيو هو ۽ توهان بند ڪمري ۾ ان کي تاحيات ايڪسٽينشن جي ??فر ڪري رهيا هئا؟ باجوه هزار ڀيرا چيو هجي ??وهان اسيمبليون ڪنهن جي چوڻ تي ڇو ٽوڙيون؟ هن چيو ته قوم کي چار سال سمجهه ۾ نه آيو ملڪ ۽ عوام کي توهان ڪهڙي طرح، ڪيئن ۽ ڪٿان ڪٿان ڦريو، عوام ۽ ملڪ سان جيڪو ٿيو تاريخ ۾ ڪڏهن ڪنهن ملڪ سان اهڙو ظلم ناهي ٿيو. هن چيو ته عمران خان پنهنجي چار سالن ۾ رڳو پنهنجي گهرواريءَ ۽ ان جي ??هيلي فرح گوگي کي نوازيو، چار سال رڳو اٽو، کنڊ، بجلي، گئس مافيا کي نوازيو. هن چيو ته ”ملڪ ۾ مارشل لاء لڳائي ڇڏيو“ جو بيان فارن فنڊڊ فتني جي ??صل نيت ۽ مقصد جو ثبوت آهي، توهان سازش ڪري پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي نمائندن جي ??وهين ڪئي.