لاهور – 24 – مارچ (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ مفت اٽي جي لاءِ اهڙا اهل ماڻهو جيڪي رجسٽرڊ نه آهن انهن جي فوري رجسٽريشن يقيني بڻائي وڃي، اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس تي نادرا ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام پاران رجسٽريشن جي لاءِ پنهنجا ڪائونٽرز قائم ڪيا وڃن، رمضان دوران غريب طبقي جي مشڪلاتن ۾ جيستائين مڪمن ٿي سگهي گهٽتائي جي لاءِ قدم کڻي رهيا ??هي??ن، مفت اٽي جي ورڇ 25 رمضان تائين جاري رهندي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وز??راعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ رمضان پئڪيج تي جائزه اج??اس ٿيو. اج??اس ۾ وفاقي وز????ن شازيه مري، مريم اورنگزيب، وز??راعظم جي صلاحڪار احد چيما، پنجاب نگران وڏي وز??ر سيد محسن نقوي ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيس??ن شرڪت ڪئي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته مفت اٽو اسڪيم پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ اسلام آباد ۾ جاري آهي جنهن سان اهل خاندانن جو وڏو انگ فائدو کڻي رهيو آهي. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ اٽي جي ورڇ واريُون پوائنٽس شادي هالز ۾ ٺاهيُون ويُون آهن جتي ماڻهن کي انتظار دوران مشڪلاتن کي بلڪل به منهن ڏيڻو نه پئجي رهيو آهي. ان کان اڳ وز??راعظم لاهور ۽ قصور ۾ اٽي جي ورڇ وارين پوائنٽس جو دورو ڪيو هو جتي انتظامن کي اطمينان جو قرار ڏنو هو. وز??راعظم پنجاب، خيبرپختونخواهه حڪومت ۽ اسلام آباد انتظاميا جي ان پروگرام ۾ شامل سمورن ادارن ۽ اهلڪارن جي ڪوششن کي ساراهيو.