اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪ جي قانون کي جهنگ جو قانون ٺاهي??دڙ ٻن ڏينهن کان آئين ۽ قانون کي يرغمال بڻائي رکيو آهي?? اڄ اهو تماشو پوري قوم ۽ دنيا ڏسي رهي آهي، انصاف ۽ قانون جو پورو نظ??م هڪ شخص جي ض??، اناءَ ۽ تڪبر آڏو بيوس نظ?? اچي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هڪ ذهني مريض جي اناءَ آئين، قانون ۽ عدالت سميت هر شيءَ کان وڏي آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته الله جي شان چئو يا مڪافات عمل! سياسي مخالفن جي بيمارين، پليٽ ليٽس، اسپتال ۾ آخري ساهه کڻ??دڙ مريضن ۽ انهن جي گهرڀاتين جي احساسن جي مذاق اڏائي??دڙ اڄ ”بزرگ“ ۽ ”بيمار“ بڻجي ويو آهي، هڪ شخص پنهنجي ض??، اناءَ ۽ تڪبر ۾ آئين، قانون، ڪنهن جج ۽ عدالت کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.