انقره – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر زلزلي جي تباهين ۽ انساني جانين جي زيان ??ي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي، ترڪيه ۾ زلزلي متاثر آخري شخص جي مڪمل بحالي تائين پاڪستان ??ي عوام سک سان نه ويهندي جڏهن ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان پاران ??لزلي متاثرين جي مدد تي ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??اري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان ??ان ملاقات ڪئي. انقره ۾ صدارتي ڪمپليڪس پهچڻ تي صدر رجب طيب اردوان وزيراعظم جو استقبال ڪيو. ترڪيه جي صدر سان ملاقات ۽ وفدن جي سطح تي ??يندڙ ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي نتيجي ۾ هزارين قيمتي جانين جي زيان ۽ بنيادي ڍانچي کي پهچندڙ وڏي نقصان ??ي ترڪيه جي صدر ۽ ترڪ قوم سان ??لي تعزيت جو اظهار ڪيو. 6 فيبروري تي ترڪيه جي مختلف علائقن کي ان ??باهي آڻيندڙ زلزلي پنهنجي لپيٽ ۾ ورتو. پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستاني عوام پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن وانگر انهن جي درد ۽ ڏک کي محسوس ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??ي عوام ان وقت تائين آرام سان نه ويهندي جيستائين زلزلي کان متاثر علائقن ۾ آخري شخص جي مڪمل بحالي نٿي ٿي وڃي. صدر اردوان ??باهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيءَ جي لاءِ پاڪستان ??ي ٺوس حمايت تي ??زيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته پرعزم ترڪ قوم هن قدرتي آفت مان ??ڳ کان وڌيڪ طاقت ۽ عزم سان نڪرندي. وزيراعظم ترڪيه ۾ ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪيه سان پاڪستان ??ي يڪجهتي ۽ حمايت جي اظهار لاءِ خصوصي طور تي ترڪيه جو دورو ڪري رهيو آهي. وزيراعظم زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ اتي ??وجود پاڪستاني ريسڪيو ۽ ريڪوري ٽيمن سان ملاقات پڻ ڪندو. وزيراعظم سان گڏ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ پڻ آهن.