اسلام باد – 26 جنوري(اي پي پي) ڀارت جي نام نهاد يوم جمهوريه جي موقعي تي ڪل جماعتي حريت ڪانفرنس جي سڏ تي اسلام آباد ۾ ڀارت جي هاءِ ڪميشن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهري ۾ اوورسيز ڪشميرين جي هٿن ۾ جهنڊا کنيل هئا جيڪي ڀارتي سرڪار خلاف آزادي جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي حريت اڳواڻن چيو ته ڀارت نام نهاد جمهوريت جي نالي تي وا??اريل ڪشمير تي پنهنجي غيرقانوني قبضي ۽ ڏاڍ سان شهرين جو قتل ڪري رهيو آهي. سڄي دنيا ۾ ڪشميري ڀارت جو دهشتگرداڻ?? چهرو بي ن??اب ڪري رهيا آهن. ڀارت وا??اريل ڪشمي?? ۾ ??نهنجي غير قانوني قبضي ۽ ڏاڍ وسيلي ڪشميرين جا حق غضب ڪري رهيو آهي. ڀارت دنيا ۾ ڪه??و جمهوري ملڪ آهي جنهن ۾ ڪشميرين کان سندن بنيادي حق به کسيا ويا آهن.