اسلام آباد– 18 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي ملڪ جي چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو آهي ته پارليامينٽ، عدليه، حڪومت ۽ واپاري برادري کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ۽ حل جي لاءِ گڏجي ڪم ڪر?? جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ مالي استحڪام آڻڻ جي لاءِ عزم ۽ صلاحيت سان مسئلا حل ڪر??ا پوندا، سياسي ۽ جمهوري عمل جي خلاف اٿندڙ آوازن جي حوصلا شڪني جي ضرورت آهي، ??اڪ??تان ۾ جمهوريت کي هر گذرندڙ ڏينهن سان برقرار ۽ مضبوط ٿيڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ سڄي ملڪ جي 54 چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي صدرن ۽ نمائندن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ۾ عورت چيمبرز آف ڪامرس، سمال اينڊ ميڊيم چيمبرز اف ڪامرس، اپٽما، ??اڪ??تان پولٽري ايسوسيئيشن ۽ استاڪ ايڪسچينج جا نمائندا شامل هئا. ملاقات ۾ ڪراچي، لاهور، فيصل آباد، سرحد ۽ راولپنڊي چيمبرز آف ڪامرس ۽ فارماسيوٽيڪل سيڪٽر جا نمائندا به موجود هئا. ان موقعي تي صدر چيو ته ??اڪ??تان جي معاشي صورتحال جي ڏس ۾ سمورين سياسي ڌرين جي اتفاق راءِ سان عام چونڊون منعقد ڪر?? ضروري آهي ته جيئن هڪ مڪمل نمائنده حڪومت جي چونڊ ڪري سگهجي جيڪا اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪر?? ۽ مسئلن جو حل فراهم ڪري. صدر چيو ته آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحون هڪ اهم فيصلو آهي جنهن سان ملڪ کي پنهنجي مالي ۽ اقتصادي مشڪلاتن کي حل ڪر?? ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته عوامي مينڊيٽ رکندڙ نمائنده حڪومت ئي ??اڪ??تان جي عوام کي مشڪل فيصل?? تي رضامند ڪري سگهي ٿي. صدر ملڪ ۾ سياسي استحڪام کي مالي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ بنيادي ۽ اهم ترين عنصر قرار ڏنو ۽ سمورين سياسي ڌري?? تي زور ڏنو ته اهي عام چونڊون منعقد ڪر?? جي لاءِ متفقه تاريخ جي تعين جي لاءِ فوري طور تي ڳالهيون ۽ غور فڪر شروع ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ صدر اسٽيبلشمينٽ پاران سياسي معاملن ۾ مداخلت کان پاسو ڪر?? جي ارادي کي ساراهيو ۽ سياسي قوت?? تي زور ڏنو ته اهي گڏيل طور تي ان موقعي مان فائدو کڻن ۽ قوم کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ جمهوري طريقيڪار جو سهارو وٺن ۽ ملڪ کي ترقي ۽ خوشحالي طرف گامزن ڪن. صدر چيو ته ملڪ جو گهڻو درآمدي بل توانائي جي پيداوار ۽ چرپر جي لاءِ استعمال ٿيندڙ پيٽروليم مصنوعات تي ٻڌل آهي، توانائي، پاڻي ۽ گئس جي بچت جي هڪ گهڻ رخي حڪمت عملي اختيار ڪري ان لاڳت کي ڪافي حد تائين گهٽ ڪري سگهجي ٿو. هن واپار ۽ صنعت کي گرين توانائي طرف منتقل ڪر?? تي پڻ زور ڏنو ته جيئن نه رڳو درآمدي بل کي گهٽ ڪري سگهجي پر ماحوليات کي به محفوظ بڻائي سگهجي. هن چيو ته ??اڪ??تان ڪوويڊ 19 جي وبا تي ضابطو آڻڻ ۽ ان جو مقابلو ڪر?? جي لاءِ صحيح وقت تي صحيح فيصلا ڪيا ۽ سمورين ڌرين جي ٺوس ڪوششن جي ذريعي وبائي مرض کي موثر انداز ۾ شڪست ڏيڻ ۾ ڪاميابي ملي. هن وڌيڪ چيو ته اهڙي طرح جو طريقو اختيار ڪري اسان سياسي، اقتصادي ۽ مالياتي محاذ?? تي قوم کي درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪندي انهن کي حل ڪري سگهون ٿا. صدر چيو ته وومين چيمبرز آف ڪامرس کي عورت انٽرپرينيورز ۽ اسٽارٽ اپس کي قيادت فراهم ڪر?? گهرجي ۽ انهن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪر?? ۽ قائم ڪر?? جي لاءِ بئنڪن کان قرض حاصل ڪر?? ۾ مدد ڪر?? گهرجي. هن چيو ته جيتوڻيڪ بئنڪن قرضن جي لاءِ درخواست ڏيندڙ عورتن کي 100 سيڪڙو قرض فراهم ڪر?? جو واعدو ڪيو آهي پر بدقسمتي سان عورتن پاران مختص قرضن مان رڳو 5 سيڪڙو ئي حاصل ڪيو ويو. هن ميٽا پاران شروع ڪيل هنرمندي جي تربيتي پروگرامن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ته جيئن عورتن کي مارڪيٽ جي ضرورت موجب مهارت حاصل ڪر?? ۽ انهن جي مصنوعات ۽ خدمتن کي آن لائين وڪرو ڪر?? ۾ مدد ملي. هن چيو ته ملڪ ۾ خاص طور تي هيٺئين سطح تي ڪاٽيج انڊسٽري کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪاروباري برادري تي زور ڏنو ته ڪم ڪندڙ عورتن کي هراسان ڪر?? کان پاڪ ڪم جي ماحول جي فراهمي، عورتن جي مرڪزي ڌارا ۾ شموليت ۽ انهن کي مالياتي طور تي بااختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏنو وڃي، خصوصي ماڻهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن. هن ذهني ۽ نفسياتي مرضن ۽ ڇاتيءَ جي ڪينسر جهڙن صحت جي مسئل?? تي ڌيان ڏيڻ سان گڏوگڏ اسڪول کان ٻاهر ٻارن کي اسڪول جي نظام ۾ آڻڻ جي ڪوششن ۾ پڻ ڪاروباري برادري جي فعال شموليت جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ??اڪ??تان ۾ ٻارن جي پرائمري اسڪولن ۾ داخلا جي شرح جي مايوس ڪندڙ صورتحال تي پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو جيڪو عالمي بئنڪ جي تازه ترين رپورٽ موجب ??اڪ??تان ۾ رڳو 68 سيڪڙو آهي، جڏهن ته ڀارت، سريلنڪا ۽ بنگلاديش ۾ اها شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته اها هڪ سنگين صورتحال آهي ۽ ڪاروباري برادري سميت سمورين ڌرين کي ٻارن جي اسڪولن ۾ داخلا کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فيصلائتا قدم کڻڻ جي ضرورت آهي. واپاري برادري جي تجويز?? تي تبصرو ڪندي صدر چيو ته ملڪ جي ٽرسٽ قانونن ۾ ترميمن جي ضرورت آهي ته جيئن ٽرسٽ جي رجسٽريشن ۽ آپريشن کي آسان بڻائي سگهجي جنهن سان ملڪ ۾ ڪاروبار جي فروغ ۾ مدد ملندي. هن موجوده صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪاروباري برادري کي درپيش مسئلن کي خوش اسلوبي سان حل ڪر?? تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ جلد مشاورتي عمل شروع ڪيو وڃي ته جيئن واپاري برادري جي ٽيڪس، امپورٽ ڪليئرنس ۽ لائنز آف ڪريڊٽ کولڻ جي حوالي سان مسئلا حل ڪر?? ۾ مدد ملي. ملاقات دوران واپاري برادري جي نمائندن ملڪ جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ موجوده مسئل?? تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حل تجويز ڪيو.