اسلام آب??د -23 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ آ??ري??ا جي سفير ڊونلڊ بلوم چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو ازالو مڪمل طور تي نه ٿي سگهيو، هر ملڪ موسمياتي تبديلي جي خطرن جي ور چڙهيل آهي اهو ئي سبب آهي ته اسان هڪ سبز ات??اد جي قيام جي ذريعي پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي کي منهن ڏي?? جي صلاحيت ۾ اضافي تي ڪم ڪري رهيا آهيون. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوئيٽا جي دوري دوران هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. آ??ري??ي سفير ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو سان پڻ ملاقات ڪئي. آ??ري??ي سفير صوبي ۾ موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏي?? لاءِ ڪم ۾ مصروف مقامي حصيدارن، اعليٰ تعليمي ادارن جي نمائندن، مقامي غير سرڪاري تنظيمن جي اڳواڻن ۽ افغان پناهگيرن سان پڻ مليو. پنهنجي دوري جي موقعي تي هن پاڪستان ۾ موسيماتي تبديلي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ مختلف شراڪتدارن تي مشتمل هڪ سبز ات??اد جي قيام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي هن اعليٰ تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي ذريعي معاشي ترقي جي فروغ لاءِ آ??ري??ا ۽ پاڪستان وچ ۾ مضبوط تعاون جي اهيمت کي پڻ اجاگر ڪيو. اسلام آباد ۾ آ??ري??ي سفارتخاني مان جاري هڪ پريس رليز موجب ڪوئيٽا ۾ سفير بلوم عوامي وڻڪاري مهم ۾ شرڪت ڪندي هڪ ٻوٽو پڻ لڳايو. واضح رهي ته هي سرگرمي مستقبل ۾ شهرن ۾ وڻ پوکڻ جي هڪ منصوبي جي ڪڙي آهي ۽ نوجوان ڪارڪنن جي سربراهي ۾ شروع ڪيل هن منصوبي جو مقصد موسمياتي تبديلي کي منهن ڏي??، موسمياتي خطرن جي باري ۾ آگاهي ۽ موسمياتي تبديلين خلاف معاشي لچڪ کي سگهه ڏي?? ۽ هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻ آهي جتي وسيع معاشرتي ڀلائي لاءِ مختلف گروهن کي ويجهو آڻي سگهجي. تقريب کي خطاب ڪندي سفير بلوم چيو ته آ??ري??ي حڪومت بلوچستان سميت سڄي پاڪستان ۾ هلندڙ سال ٻوڏ سبب متاثر ٿيل ضرورتمند ماڻهن ۽ آبادين ۾ 9 ڪروڙ 70 لک ڊالر کان وڌيڪ ماليت جي امداد فراهم ڪئي آهي.