شرم الشيخ – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ماحولياتي تبديلي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري قدم کڻڻ جي ضرورت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ??ه پاڪستان خشڪ علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي لاءِ فني مهارت جي فراهمي جي ذريعي ”مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو“ جا مقصد ??اصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي، زمين کي ماحولياتي تبديلين جي منفي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو سمٽ 2022ع کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي، عالمي رابطن ۽ سائنس تي ??ڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو، ايم جي آئي موسمياتي تبديلي جي روڪٿام لاءِ صحيح رخ ۾ هڪ وڏو ق??م آهي، پاڪستان ان قدم جي وسيع مقصدن جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ زمين کي موسمياتي تبديلي جي اثرن کان محفوظ بڻائڻ جي لاءِ گهربل هر قدم ۾ ويجهي تعاون جو منتظر آهي. وزيراعظم چيو ته ان اهم سربراهه اجلاس جي انعقاد جي لاءِ محمد بن سلمان ۽ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي جا ٿورا مڃون ٿا، اسان مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو (ايم جي آئي) شروع ڪرڻ تي ??لي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي ان اهم ويزن کي قدر جي نگاهه سان ڏسون ٿا جيڪو وچ اوڀر ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون ماحولياتي ??ظام جي بحالي جو ق??م آهي. هن چيو ته ڪنوينشن ۽ پيرس معاهدي تحت فطرت تي ??ڌل حل اسان جي ملڪ جي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کان بچاءُ جي ايجنڊا جو بنياد آهي، اهڙي طرح فطرت تي ??ڌل قدم جهڙوڪ وڻڪاري، ملڪن کي مواققت جي صلاحيت جي تعمير ۾ مدد ڪن ٿا، گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪين ٿا ۽ قومي ۽ علائقائي سطح تي ??وسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي روڪڻ ۽ انهن جي شدت ۾ گهٽتائي آڻڻ ۾ مدد ڪن ٿا، اهو اسان جي ايجنڊا جو مرڪز آهي. وزيراعظم چيو ??ه پاڪستان ۽ مڊل ايسٽ گرين انيشي ايٽو ۾ شامل ڪيترن ئي ٻين ملڪن کي ماحولياتي تبديلين جي اثرن جي ڪري تيز رفتار ماحولياتي عدم توازن درپيش آهي جنهن جي نتيجي ۾ اسان کي شديد برساتن، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ، گرمي جي شدت، ٻيلن ۾ لڳندڙ مسلسل باهه، گليشيئرز جي پگهڙڻ سان ٻوڏ ۽ اهڙي قسم جي ڪيترين ئي موسمياتي تباهي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ??ه پاڪستان پائيدار مستقبل جي گڏيل ويزن، موثر تعاون، علائقائي ۽ عالمي رابطن ۽ سائنس تي ??ڌل فيصلاسازي جي رهنما اصولن جي مڪمل حمايت ڪري ٿو جيڪو ان قدم کي ميمبر ملڪن ۽ انهن جي آب??دي کي زندگي بدلائيندڙ ڪاميابي ۾ هڪ ڊگهو سفر طئي ڪندو. وزيراعظم چيو ته گرين پاڪستان پروگرام 2016ع ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو وڻڪاري جو اسان جو قومي پروگرام آهي جيڪو 2023ع تائين 3 ارب 30 ڪروڙ وڻ لڳائڻ ۽ 2030ع تائين ٽيڻ تي اضافي جي هدف سان گڏ جاري آهي، ان سان مقامي آب??دي جي لاءِ روزگار جا هزارين موقعا پيدا ٿيندا. وزيراعظم چيو ته هتي ??اڪستان جي پروٽيڪٽيڊ ايرياز انيشي ايٽو جو پڻ ذڪر ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن اسان جي خطرن ۾ ورتل نباتات ۽ حيوانيات جي تحفظ لاءِ 36 لک هيڪٽر محفوظ علائقن ۾ اضافو ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته هو ان موقعي تي گرين انيشي ايٽو کي هلائڻ جي لاءِ سعودي عرب کي ساراهي ٿو، پاڪستان اڳ ۾ ئي ڄاڻ جي مٽاسٽا ۽ ماهرن جي فراهمي جي ذريعي تعاون کي وسعت ڏئي چڪو آهي، اها رڳو شروعات آهي، پاڪستان ايم جي آئي جي سمورن ميمبر ملڪن کي خشڪي وارن علائقن ۾ ٻيلن جي بحالي، مين گرووز، محفوظ علائقن جي انتظام، ڪاربن اسٽاڪ جي تشخيص ۽ ٻيلن جي نگراني جي نظام جي قيام بابت تجربن ۽ فني مهارت جي مٽاسٽا ۾ مدد فراهم ڪرڻ تي گهري راضپي جو اظهار ڪري ٿو. هن چيو ته زمين عمل جي لاءِ پڪاري رهي آهي پر ائين لڳي ٿو ته اسان مشڪل طريقي سان سکڻ جو پڪوپهه ڪري رکيو آهي، ايم جي آئي طرز جو ق??م صحيح رخ طرف هڪ وڏو ق??م آهي، پاڪستان ان قدم جي وسيع تر مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي ۽ ميمبر ملڪن سان گڏ رڳو ان قدم جي حد تائين نه پر موسمياتي تبديلي جي اثرن کان زمين کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ هر قدم تي ??يجهي تعاون سان ڪم جو منتظر آهي.