اسلام آباد – 28 – آڪٽوبر (اي پي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي حڪومت پار??ن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ انساني همدردي جي بنياد تي اضافي 30 ملين ڊ??لر جي اعلان جي آجيان ڪندي چيو آهي ته دنيا کي ٻوڏ سان ??يدا ٿيندڙ الميي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڌيڪ 30 ملين ڊ??لر جي انساني امداد جي اعلان تي آمريڪي حڪومت جا ٿورائتا آهيون. هن چيو ته سرديءَ جي موسم شروع ٿيڻ سان ئي خوراڪ، صحت ۽ رهائش جا چئلينج درپيش آهن. ٻوڏ سان ??يدا ٿيندڙ الميي جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ دنيا کي فوري طور تي گڏيل قومن جي امداد جي اپيل ۾ حصو وجهڻ گهرجي.