اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گو??يرس جي پاڪستان اچڻ تي آجيان ڪندي چيو آهي ته سيڪريٽري جنرل اهڙي موقعي تي دورو ڪري رهيو آهي جڏهن هڪ ڀاڱي ٽي حصو پاڪستان ٻوڏ ۾ ٻڏل آهي، ان جي دوري سان دنيا پاڪستان ۾ ٻوڏ ج?? نتيجي ۾ ٿيندڙ تباهي کان بهتر طور تي آگاهه ٿي سگهندي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مشڪل جي هن گهڙي??َ ۾ يڪجهتي جي اظهار لاءِ پاڪستان اچڻ تي ??ڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃون ٿا. ان جو دورو پاڪستان مان ٻوڏ متاثرين جي مسئلن ۽ مشڪلاتن کي عالمي سطح تي اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي مد?? لاءِ 160 ملين ڊالر جي فليش فلڊ اپيل جاري ڪئي جيڪا ساراهه جوڳي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته هي دورو موسمياتي تبديلين جي موذي اثرن جي نتيجن جو احساس ڏيارڻ ۾ پڻ مددگار ثابت ٿيندو. هن چيو ته عالمي برادري کي ٻوڏ ۽ قدرتي آفتن ۾ ورتل غريب ملڪن جي مد?? لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ وڌندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻو پوندو.