اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ??هب??ز گل کي اسلام آباد پوليس جي حوالي نه ڪرڻ جي قدم کي توهين عدالت قرار ڏيندي چيو آهي ته عمران خان ۽ پنجاب حڪومت عدالت جي واضح حڪم جي توهين ڪئي آهي، وفاقي پوليس جي جوابدار کي عمران خان جي حڪم تي پنجاب حڪومت اغوا ڪري رهي آهي، ??هب??ز گل طبي طور تي بلڪل ٺيڪ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان جو شيطاني دماغي رويو ڪنهن قانون ۽ اداري کي نه ٿو مڃي، عمران خان 8 سالن تائين فارن فنڊنگ ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن مان ڀڄندو رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ عدالتن ۾ پنهنجي خلاف سمورن ڪيسن ۾ خلاف ورزي ڪئي، عمران خان نوٽيس جي جواب ۾ ايف آءِ اي کي رڪارڊ ۽ جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته سياسي مخالفن کي جعلي ڪيسن ۾ ج??لن ۾ وجهندڙ عمران خان پنهنجو وارو اچڻ تي قانون جو باغي بڻجي ويو آهي، عمران خان ادارن جي اندر بغاوت جي ڪال ڏني آهي. هن چيو ته ??هب??ز گل جي ڪيس ۾ جاچ ٿي رهي آهي ته عمران خان پنجاب حڪومت جي آءِ جي کي استعمال ڪيو، اهو سلسلو ڪالهه کان جاري آهي. هن چيو ته اهو هوندو آهي ته اختيارن جو ناجائز استعمال، ان کي نه ته توهين عدالت جي پرواهه آهي ۽ نه ئي قاعدن ۽ ضابطن جي، عمران خان کي آئين ۽ ڪنهن قاعدي ?? قانون جي ڪا پرواهه نه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عمران خان چئي رهيو آهي ??هب??ز گل کي اگهاڙو ڪري ماريو ويو جڏهن ته پنجاب جي قانون وارو وزير جڏهن ??هب??ز گل سان ملي آيو ته هن م??ڊي?? آڏو چيو ته ??هب??ز گل بلڪل ٺيڪ ۽ فٽ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ??هب??ز گل اڊيالا جيل ۾ وفاقي پوليس جو قيدي آهي، ڪو قانون اجازت نه ٿو ڏي ته پنجاب حڪومت خط لکي روبڪاري جاري ڪرائي. هن چيو ته عدالت جو فيصلو اچي چڪو آهي، ??هب??ز گل جو ريمانڊ ٿي ويو آهي، عدالت جي فيصلي تي پوري طرح عمل ڪيو ويندو. هن چيو ته پنجاب حڪومت ۽ پرويز الاهي هن وقت فلڊ ايرياز ۾ نه ٿا وڃي سگهن پر ??هب??ز گل جي روبڪاري جي لاءِ هن وقت پنجاب جي سي ايم هائوس ۾ قانون جون ڌڄيون اڏايون پيون وڃن.