اسلام آباد – 24 – آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب وزيراعظم فلڊ ريليف اڪائونٽ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪرائڻ جا تفصي?? جاري ڪري ڇڏيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان سمورين ڪمرشل بئنڪن ذريعي عطيو جمع ڪرائڻ جو سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني عطيو ان اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائي س??هندا. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب موجب برساتن جو 30 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو آهي، سڄي ملڪ خاص طور تي بلوچستان ۽ سنڌ ۾ غيرمعمولي تباهي ٿي. هن چيو ته اچو اسان سڀ مصيبت ۾ گهيريل پنهنجي هم وطنن جي مدد ڪريون. اسان سڀ انهن جو سهارو بڻجون. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم ا??رن??زيب چيو آهي ته اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ سمورا پاڪستاني دل کولي عطيه جمع ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي، اهي عطيا اڪائونٽ (پرائيم منسٽر ريليف فنڊ اڪائونٽ 2022ع اڪائونٽ نمبر: G-12164) ۾ جمع ڪرائي س??هن ٿا. عطيي ذريعي سمورا پاڪستاني ٻوڏ متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ شامل ٿي س??هن ٿا. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي سرڪيولر تحت سموريون ڪمرشل بئنڪُون ۽ انهن جون شاخون وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ 2022ع ۾ عطيو جمع ڪري س??هن ٿيون. ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني وايا ٽرانسفر، مني سروس بيوروز، م??ي ٽرانسفر آپريٽرز ۽ ايڪسچينج هائوسز جي ذريعي به عطيو موڪلي س??هن ٿا. عطيو سمورين ڪمرشل بئنڪن ۾ روڪ به جمع ڪرائي س??هن ٿا. بئنڪ جي ڊراپ باڪس ۾ ڪراس چيڪ، موبائيل ۽ انٽ??ني?? بئنڪنگ، اي ٽي ايمز، اي بي ايف ٽي، راست جي ذريعي به جمع ڪرائي س??هجن ٿا.