ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر محمد سُهيل راجپوت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان چيو آهي ته ڏاڍ ۽ سخ??ين سان ڪشميري ڀائرن جو رستو نه ٿو روڪي سگهجي، ڀارت ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي فوري بحال ڪري، مود?? سرڪار پاران والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي پائمالي جي سخ?? مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته م??د?? سرڪار جي قدمن ۽ پاليسين سان خ??ي ۾ امن کي سخ?? خطرا آهن، انساني حقن جون عالمي تنظيمون ۽ گڏيل قومون ان جو نوٽيس وٺن. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام ڪشميري ڀائرن جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي سنڌ ۾ ڪشميري ڀائرن سان يڪجهتي جي لاءِ خصوصي پروگرام منعقد ڪيا پيا وڃن.