اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزير اعظم شهباز شريف اڱ??ري تي آرمي چيف جنرل قمرجاويد باجوا کي ٽيليفون ڪئي ۽ آرمي ايوي ايشن جي گم ٿيڻ و??ري هيلي ڪاپٽر بابت تازي معلومات حاصل ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ج??ري بيان بابت وزيراعظم 12 ڪور جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي سميت آرمي جي 6 آفيسرن ۽ جو??نن جي سلامتي بابت پنهنجي ڳڻتي ۽ فڪر جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته ليفٽيننٽ جنرل سرفراز علي ه?? بهترين پروفيشنل ۽ نهايت سٺو ماڻهو آهي. دعا آھي ته هيلي ڪاپٽر ۾ سوار سڀ ماڻهو محفوظ هجن. وزيراعظم قوم کي اپيل ڪئي ته وطن جي ان ب??ادر پٽن جي حفا??ت جي لاءِ دعا ڪن. سڄي قوم ان حادثي تي ڏک ۾ آهي. وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته ٻوڏ متاثرين جي مدد ڪرڻ وارا اهي فرض شناس پُٽ خدمت جي اعليٰ مثال بڻجي سامهون آيا آهن. اهو آهي پنهنجي ڀائرن ڀينرن، ٻارن جي خدمت جو اهو عظيم جذبو جيڪو پاڪستان جي حقيقي طاقت آهي. آرمي چيف گذريل رات کان ج??ري ڳولا جي ڪارروائين بابت وزيراعظم کي آگاھ ڪيو.