اسلام آباد – 19 – مئي (اي پي پي) ايراني سفارتخاني ڪر??چي ۾ دهشتگردي ج?? واقعي ۾ ملوث عنصرن جي ايران ۾ ممڪن رابطن جي الزامن جي حوالي سان ڪجهه پاڪستاني صحافين پاران پڇيل سوالن تي ردعمل ۾ چيو آهي ته ڪنهن ثبوت ۽ دستاويزي شهادتن کانسواءِ اهڙي قسم جا الزام غيرپيشيواراڻا ?? ناقابل قبول آهن ۽ انهن جو مقصد پاڪستان ?? ايران جي ڀائراڻن لاڳاپن کي نق??ان پهچائڻ آهي. ايراني سفارتخاني پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته بنا ڪنهن شڪ جي هڪ ٽئين ڌر پاڪستان ?? ايران جي وچ ۾ ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي خراب ڪرڻ چاهي ٿي، پاڪستان ?? ايران جي ويجهي لاڳاپن جي دشمنن جي فريب ۾ نه اچڻ گهرجي. بيان ۾ ميڊيا تي زور ڏنو ويو آهي ته اها مستندد ۽ باضابطا ذريعن کان ملندڙ معلومات تي ڀروسو ڪري.