لاهور – 30 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ ۽ دليل سان ڳالهه ڪرڻ ۾ ئي اسا?? جي بقا آهي، جيڪو به استعيفا ڏيندو سامهون ويهاري ان کان استعيفا لکرائي ويندي ۽ اهو به پڇيو ويندو ته توهان تي ڪو دٻاءُ تي نه آهي، پارليامينٽ جا فيصلا پارليامينٽ ۾ ٿيڻ گهرجن، جلد چونڊن جا معاملا اليڪشن ڪ??يش?? ۽ حڪومت کي ڏسڻا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن وچ پنجاب جي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ ميڊيا جي سوال?? جي جواب ۾ ڪيو. ان موقعي تي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ، انفار??يش?? سيڪريٽري شهزاد سعيد چيمه، چوڌري اسلم گل، ڊاڪٽر خيام حفيظ، افنان بٽ، انجم بٽ، ملڪ جمشيد شهباز ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپلزپارٽي جي وفد سان داتا درٻار ۽ مزار اقبال به ويو ۽ اتي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ استحڪام جي دعا ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته هڪ آئيني ذميداري پوري ڪرڻ لاهور آيو هئس، خوش اسلوبي سان پنجاب جي وڏي وزير جو حلف ٿي ويو، مو?? کي يقين آهي ته قوم آئين پاڪستا?? جي حفاظت ڪندي، اسا?? کي اخلاقيات جي اندر رهي هلڻ گهرجي ۽ سڀني کي گڏجي پاڪستا?? کي ترقي جي رستي تي گامزن ڪرڻو آهي، هن چيو ته پارليامينٽ ۽ آئي?? جي تقدس کي بحال رکڻ سڀني جي ذميداري آهي جيڪو آئين سان گڏ نٿو هلي ان سان مُشڪلاتُون پيدا ٿينديون آهن، هر هڪ کي آئين پاڪستا?? جي پاسداري ڪرڻ گهرجي، آئون هن وقت اسپيڪر آهيان ۽ اسپيڪر سموري هائوس جو اسپيڪر هوندو آهي، هن چيو ته جيڪي استعيفائون مون وٽ آيون آهن ۽ جن استعيفائن تي شڪ آهي انه?? کي ٻيهر چيڪ ڪرڻ چاهيان ٿو، آئين پاڪستان ۾ ئي اسا?? جي ڀلائي آهي، آئين سان گڏ بيهڻو پوندو، يقين آهي ته پاڪستاني قوم آئين پاڪستان ۽ سمورن ادارن سان گڏ بيهندي، هن چيو ته آئين پاڪستان ۽ پارليامينٽ جي تقدس کي برقرار رکڻ اسان سڀني جو فرض آهي، 73ع جي آئين تي عمل وقت جي ضرورت آهي، اسپيڪر جي حيثيت سان پنهنجون ذميداريون ۽ پارلياماني نظام کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سموريون صلاحيتون استعمال ۾ آڻيندس، مون سميت سڀني ماڻه?? کي آئين تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.