بيجنگ – 29 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي افغانستان جي پاڙيسري م??ڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ چين پهچي و??و. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود ۽ افعانستان بابت خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق پڻ پرڏيهي وزير ??ان گڏ آهن. هوانگ شن عالمي ايئرپورٽ پهچڻ تي چين ۾ مقرر پاڪستاني سفير معين الحق ۽ چيني پرڏيهي ??زا??ت جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير پنهنجي ٽن ڏينهن جي دوري ۾ افغانستان جي پاڙيسري م??ڪن جي ٽئين اجلاس ۾ شريڪ ٿيندو. پرڏيهي وزير پاڪستان جي نمائندگي ڪندي پنهنجي اهم خطاب ۾ افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ ۽ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڏيندو. چين ۾ منعقد افغانستان جي و??جهي پاڙيسري م??ڪن جي ٽئين اجلاس جي م??قعي تي پرڏيهي وزير چين، روس، ايران ۽ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن ??ان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو.