اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلامي تعاون تنظيم (او آءِ سي) جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائون??ل جي 48هين اجلاس جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائون??ل جي چيئرمين طور پاڪستان مسلمان ا??ت جي آواز کي عالمي سطح تي مضبوط بڻائڻ لاءِ اتحاد، انصاف، انصاف ۽ ترقي ۾ حصيدارين کي فروغ ڏيندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ان اجلاس دوران ڪيترن ئي اهم معاملن تي اتفاق سان ا??ت جي اتحاد جي عڪاسي ٿئي ٿي، انهن معاملن ۾ ڪشمير ۽ فلسطين جا تڪرار، افغانستان ۾ انساني بحران، ا??لامو فوبيا ۽ مسلمانن جي حالتن تي اڳڀرائي ڪرڻ شامل آهن. هن چيو ته پرڏيهي وزيرن جي ڪائون??ل جي چيئرمين جي طور تي پاڪستان مسلمان ا??ت جو آواز عالمي سطح تي مضبوط بڻائڻ لاءِ اتحاد، انصاف ۽ ترقي ۾ حصيدارين کي فروغ ڏيندو.