اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پوري عزم ۽ اتحاد سان پنه??جي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀ??نرن سان گڏ بيٺل آهي، وقت اچي ويو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??سا??ي حقن جي سنگين پائمالين جو نوٽيس وٺي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنه??جي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪشمير ۾ غيرجانبداراڻي ريفرنڊم جو اهتمام عالمي برادري جي ذميواري آهي. گڏيل قومن تي لازمي آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي خراب حالت ۽ ڀارتي رياست جي ظالماڻي عسڪري قبضي کان آزادي ۽ ڇوٽڪاري جي انهن جي ناقابل اعتراض ۽ انڪار خواهش کي نظرانداز نه ڪري. وزيراعظم چيو ته وقت اچي ويو آهي ته دنيا ڀارت جي قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ا??سا??ي حقن جي سنگين پائمالين، جن ۾ نسل ڪشي سميت ا??سا??يت جي خلاف ڏوهن ۽ آبادي جي ت??اس?? ۾ تبديلي سميت جنگي ڏوهه شامل آهن ۽ جنيوا ڪنيونشن جي واضح خلاف ورزي آهي جو نوٽيس وٺي. وزيراعظم چيو ته خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ پاڪستان پوري عزم ۽ اتحاد سان پنه??جي ڪشميري ڀينرن ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مودي جي ڏاڍ ۽ تشدد تي ٻڌل فسطائي پالي??يو?? به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪشميرين جي مزاحمت جو روح ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيون آهن.