راولپنڊي – 09 جنوري (اي پي پي) فو?? جي عوامي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) چيو آهي ته مريءَ ۾ سمورا مواصلاتي ذريعا هر قسم جي چرپر جي لاءِ کوليا ويا آهن، ڪلڊنه باڙيان روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو آهي. آءِ ايس پي آر پاران مريءَ جي صورتحال تي جاري ??ازي ترين اپ ڊيٽس موجب مين رستن کي کولڻ کانپوءِ آرمي جا انجنيئرز هاڻي لنڪ روڊ تي ڌيان ڏئي ??هيا آهن. ريليف ڪئمپ ۽ ميڊيڪل جون سهولتون مڪمل طور تي فعال آهن جڏهن ته فو??ي گاڏيون ڦاٿل سياحن کي راولپن??ي ۽ اسلام آباد پهچائڻ جي لاءِ استعمال ڪيون پيون وڃن.