اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آه?? ته حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آه??، ڪورونا تي موجوده حڪومت جي واکاڻ صحت جي عالمي اداري، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آه??، اسان پاڻ اشتهار ناهن ڇاپيا. قومي اسيمبلي ۾ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف جي نڪتن جو جواب ڏيندي هن چيو ته مخالف ڌر کي جيڪا تڪليف ٿي رهي آه?? ان جي اسان کي خبر آه??، ڪجهه مهينن ۾ هڪ طوفان مچائي ڇڏيو آه?? ته حڪومت جا آخري ڏينهن اچي ويا آه?? پر اڄ پوري قوم ڏٺو ته آرڊيننس جي توسيع ۾ ووٽنگ تي ان جا صرف 3 ميمبر اٿي بيٺا، اهي پنهنجي ميمبرن کي اٿاري بيهاري نٿا سگهن ته عوام کي ڪهڙي طرح متحرڪ ڪري سگهندا. اسد عمر چيو ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت ۾ سندس وزيراعظم ۽ دفاع وارو وزير مالهي، ڌوٽي ۽ نائي جي اقامن تي نوڪريون ڪري رهيا هئا، هنن مسلمانن جي رت جي پياسي ۽ قاتل نريندر مودي کي پنهنجي گهر گهرايو، ان جي لاءِ ساڙهيون موڪليون، اهي ماڻهو قومي سلامتي جي ڳالهه ڪندي سٺا نٿا ل??ن، اسد عمر چيو ته ڏيڍ سال پهرين جڏهن ڪورونا آيو ته هڪ صاحب جيڪو لنڊن ڀڄي ويو هو، پنهنجي سي وي کي اپ ڊيٽ ڪندي لنڊن مان واپسي آيو پر کيس مايوسي ٿي، فرق صرف ايترو آه?? ته جڏهن اهي ڊينگي تي ڪم ڪري رهيا هئا ته پاڻ پنهنجا اشتهار ڇاپي رهيا هئا، ڪورونا تي اسان جي واکاڻ صحت جو عالمي ادارو، عالمي اقتصادي فورم ۽ اڪانومسٽ ڪئي آه??، گذريل سروي ۾ 86 سيڪڙو پاڪستانين قرار ڏنو ته ڪورونا تي حڪومت بهتر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) پنج پنج سال حڪومتون ڪيون، اهي نااهل حڪومتون هيون، 10 سالن ۾ هن ايوان مان هڪ روپئي جي ترقياتي بجيٽ منظور ناهي ٿي، اسان جي حڪومت 400 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ۽ ايندڙ 6 مهينن ۾ وڌيڪ 600 ارب روپين جي ترقياتي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي، هن چيو ته خواجه آصف ايڪسپائر آرڊيننس جي ڳالهه ڪري رهيو آه??، ان تي اسپيڪر جي رولنگ اچي چڪي آه?? پر آئون اهو پڇڻ چاهيان ٿو ته هڪ ايڪسپائر سياستدان جون تقريرون ٻڌڻ اسان تي لازمي آه?? يا نه، هن چيو ته خواجه آصف خيبرپختونخوا جي بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ڪئي آه??، ان تي جيڪڏهن جي يو آءِ جا ميمبر ڳالهه ڪن ها ته ان ۾ وزن هجي ها، تحريڪ انصاف اڪيلي 15 تعلقا کٽيا آه??، پيپلزپارٽي، مسلم ليگ ن ۽ اي اين پي گڏجي 9 تعلقا کٽيا آه??، هن چيو ته اسان جي اها پارٽي آه?? جنهن جي اڳواڻ چيو هو ته پاڪستان طرف ميري اک سان ڏسندڙن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن حڪومت دشمن جو جهاز ڪيرائي پ??ئل??ٽ کي چانهه پياري ذليل ڪري ڇڏيو، اسان کان ڇهوڻ تي وڏو ملڪ اسان کان ڊنل آه??، ان جي باوجود ان پارٽي جي هڪ اڳواڻ هن ايوان ۾ چيو ته خوف سان ٽنگون ڏڪي رهيون هيون، هن چيو ته ملڪي سلامتي جي حوالي سان موجوده حڪومت تي تنقيد ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.