اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مارڪيٽ جون ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هن??مند بڻائڻ ??ي خصوصي ڌيان ڏيڻو پوندو، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هن??مند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار صدر ملڪ ۾ ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جي حوالي سان بريفنگ دوران ڪيو. بريفنگ ۾ نيوٽڪ جو چيئرمين سيد جاويد حسن ۽ ٽوئيٽا جي صوبائي سربراهن شرڪت ڪئي. صدر کي نوجوانن جي تربيت ۽ هن??مند بڻائڻ جي حوالي سان مختلف ??روگرامن تي بريفنگ ڏني وئي، ان موقعي تي صدر چيو ته مارڪيٽ جي ضرورتن ۽ گهرج موجب نوجوانن کي سکيا ڏيڻ جي ضرورت آهي، مارڪيٽ جي گهرج پوري ڪرڻ لاءِ هن??مند ماڻهن جو تعداد وڌائڻو پوندو. هن چيو ته نوجوانن کي انڊسٽري جي ضرورتن موجب سکيا ۽ هن?? فراهم ڪرڻو پوندو، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي هن??مند بنائڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو. صدر چيو ته خصوصي ماڻه?? ملڪي آبادي جو 12 کان 14 سيڪڙو حصو آهن، عورتن ۽ خصوصي ماڻهن کي معاشري جو فعال شهري بڻائڻ لاءِ هن??مند بڻائڻو پوندو. هن??مند ماڻهن افرادي قوت تيار ڪرڻ لاءِ انڊسٽري سان گڏ ??اب??ا ضروري آهن، نوجوانن کي هن??مند بڻائڻ سان انهن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا.