اسلام آباد – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خاص قدمن واري وفاقي وز??ر اسد عمر چيو آهي ته ملڪ جي 70 ملين ماڻهن کي ڪوويڊ ويڪسين جي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي. وفاقي وز??ر اسد عمر جيڪو نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جو انچارج به آهي پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته سال جي آخر تائين 70 ملين ماڻهن کي ويڪسين لڳ??ئڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو هو، جڏ??ن ته ان کان ٻه مهينا اڳ ئي حاصل ڪري ورتو. 2021ع جي لاءِ سال جي آخر جو هدف 7 ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسين لڳ??ئڻ جو مقرر ڪيو ويو هو، اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته 7 ڪروڙ (70 ملين) ماڻهن کي هاڻي گهٽ ۾ گهٽ هڪ خوراڪ ملي چڪي آهي ۽ 4 ڪروڙ (40 ملين) مڪمل طور ??ي ويڪسين لڳ??ائي چڪا آهن. هن اميد ظاهر ڪئي ته 2 مهينا باقي آهن، اسان انشاءَ الله پنهنجي هدف کان اڳ??ي وڌنداسين.