اسلام آباد – پهرين – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عوام جي ره??مائي لاءِ ايوان صدر مان هر جمعي تي 15 منٽن لاءِ بهترين مقررين خطبو ڏ??ند??. پن??نجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته اسلامي نظرياتي ??ائ??نسل جو چيئرمين قبله اياز بهترين موضوع تي خطبو ڏنو آهي. مون ٻه سال اڳ ??ائ??نسل کي درخواست ڪئي هئي ته خطيبن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 52 سماجي موضوعن مثال طور سچائي، صدقو ۽ خيرات، همدردي وغيره شايع ڪيا وڃن، واضح ره?? ته ايوان صدر جي جامع مسجد مان پهرين ڀيرو جمعي جي نماز ۽ خطبو سڌو سنئون نشر ڪيو ويو، صدر ڊاڪٽر عارف علوي، اسلامي نظرياتي ??ائ??نسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز ۽ ايوان صدر جي عملدرن ۽ عملي جمعي جي نماز ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلامي نظرياتي ??ائ??نسل جي چيئرمين ڊاڪٽر قبله اياز خطبو ڏنو. هن پن??نجي خطبي ۾ عبادت سان گڏوگڏ روزمره جي معاملن جي بهتري ۽ حسن اخلاق جي اهميت کي اجاگر ڪيو، هن ضرورتمندن ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن لاءِ احساس همدردي ۽ رحمي تي ٻڌل روين کي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته انصاف ۽ ايثار مديني جي رياست جي بنيادي اصولن ۾ شمار ٿ??ند?? هئا، اڄ جي معاشري ۾ به ان کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن اسان دنيا ۾ باوقار ۽ محترم قوم بڻجي سگهون، ان موقعي تي ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ دعا ڪئي وئي.