فيصل آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پي ٽي آءِ جي حڪومت گهٽ آمدني وارن طبقن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ سدائين کا?? ڪوششون ڪري رهي آهي، وزيراعظم عمران خان ج?? ويزن موجب حڪومتي پاليسين ج?? رخ نظرانداز ٿيل ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن طرف موڙي ڇڏيو آهي، جن کي تمام جلد ڪمپيوٽرائيزڊ سسٽم ذريعي بهترين سموريون ممڪن سهولتون ڏنيون وينديون. سبزي ??نڊي سدهار جي دوري ۽ انجمن تاجران سبزي ??نڊي سدهار فيصل آباد جي عهديدارن ۽ ميمبرن کي خطاب ۾ هن چيو ته حڪومت اخوت ۽ ٻين اين ج?? اوز جي حصيداري سان اڳ ۾ ئي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي گهرن ج?? تعمير لاءِ بنا وياج ۽ آسان قسطن تي قرض ڏئي رهي آهي جيڪي 15 کا?? 20 سالن ج?? اندر واپس ڪرڻا پوندا. هن چيو ته گهٽ آمدني وارا ماڻهو سڄي زندگي گهرن ج?? ڪرايو ڏيندا رهندا هئا پر گهر پوءِ انهن جا پنهنجا نه ٿيندا هئا جڏهن ته هاڻي حڪومت جي پاليسي جي ڪري اهي گهر جي ڪرايي جي برابر قسطن ۾ قرض واپس ڪري پنهنجي گهر جا مالڪ بڻجي سگهندا، اهڙي طرح حڪومت ننڍي ڪاروبارن ج?? لاءِ بنا وياج ۽ بنا گارنٽي جي 5 لک رپين تائين جا قرض ڏيڻ جو سلسلو پڻ شروع ڪيو آهي ۽ غريب ماڻهن ج?? ڊيٽا نادرا سسٽم سان ج??ڙي وئي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان غريبن ج?? ڀلائي تي خاص ڌيان ڏئي رهيو آهي ۽ هن سال جي آخر تائين پنجاب جي هر خاندان کي صحت ڪارڊ ملي ويندو ۽ اهي پنهنجي پسند جي ڪنهن به اسپتال ۾ پسند جي ڊاڪٽر کا?? ساليانو 10 لک رپين تائين طبي علاج جا حقدار هوندا. مقامي مسئلن بابت هن سبزي ??نڊي سدهار جي شيڊ ۽ رستن ج?? فوري تعمير ۽ مرمت ۽ رنگ روغن ج?? لاءِ 10 ڪروڙ رپين ج?? گرانٽ جو پڻ اعلان ڪيو. هن چيو ته ان پراجيڪٽ جا ٽينڊر ايندڙ هفتي جاري ڪيا ويندا جنهن کا??پوءِ ان منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته سبزي ??نڊي سدهار کي جهنگ روڊ سان ڳنڍيندڙ سيم نالي سان گڏ رستا به تمام جلد ٻيهر تعمير ڪيا ويندا. هن چيو ته حڪومت ”ميل آن ويل“ متعارف ڪراڻ تي پڻ غور ڪري رهي آهي ۽ ان مقصد جي لاءِ احساس پروگرام تحت هڪ ئي ماڊل جا ٺيلها ڏنا ويندا. فرخ حبيب چيو ته حڪومت سبزي ??نڊي سدهار کي هڪ مثالي منڊي بڻائڻ جو ارادو رکي ٿي ڇو ته هي منڊي نه رڳو هزارين ماڻهن کي باعزت روزگار فراهم ڪري رهي آهي پر ڀرپاسي وارن ضلعن کي ميون ۽ ڀاڄين ج?? فراهمي کي پڻ يقيني بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته هتي سيلاني لنگر پڻ متعارف ڪرايو ويندو ته جيئن غريب مزدورن ۽ پورهيتن کي مفت کاڌو کارائي سگهجي. هن چيو ته عمران خان ج?? مقصد ڪاروبار کي فروغ ڏئي غربت کي ختم ڪرڻ آهي تنهن ڪري ان سلسلي ۾ انهن ماڻهن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن ج??ڪي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ چاهين ٿا. هن مارڪيٽ ڪميٽي سبزي ??نڊي سدهار جي انتظاميا ۽ ڊپٽي ڪمشنر فيصل آباد کي هدايت ڪئي ته اهي انجمن تاجران ج?? چونڊيل نمائندن سان گڏ ويهي انهن ج?? حقيقي مسئلن کي اولين ترجيحي بنيادن تي حل ڪن. ان کا?? اڳ انجمن تاجران سبزي ??نڊي جي صدر ميان عامر حنيف اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب کي ڀليڪار ڪيو ۽ سبزي ??نڊي سدهار جي بنيادي مسئلن تي روشني وڌي. هن مزدورن ۽ پورهيتن کي درپيش مسئلن ج?? پڻ ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته حڪومت انهن ج?? مسئلن ج?? جلد حل جي لاءِ سمورن ممڪن قدمن کي يقيني بڻائيندي. بعد ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب مارڪيٽ جي مخ??لف حصن ج?? دورو پڻ ڪيو.