اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي پارلياماني وفد جي سان گڏ ايران جي نئين چ??نڊيل صدر سيد ابراهيم رئسي سان تهران ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ پاڪستان ايران لاڳاپا، عل??ئقائي ترقي، اقتصادي تعاون ۽ پارلياماني رابطن کي جامع بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سينيٽ چيئرمين ايران جي نئين چ??نڊيل صدر جي حلف برداري تقريب ۾ شرڪت لاءِ ٻن ڏينهن جي دوري تي ايران ۾ آهي. سينيٽ چيئرمين کي وزيراعظم پاڪستان عمران خان حلف برداري جي تقريب ۾ پاڪستان جي نمائندگي لاءِ نامزد ڪيو هو. نئين چ??نڊيل ايراني صدر سان ملاقات دوران پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي لاڳاپن جي استحڪام تي اتف??ق ڪيو ويو. سينيٽ چيئرمين ان موقعي تي ايران جي نئين چ??نڊيل صدر لاءِ پاڪستاني قوم، پارليامينٽ، صدر ۽ وزيراعظم پاران نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سندس قيادت ۾ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحانن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ تي به اتف??ق ڪيو ويو. صادق سنجراڻي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا ۾ اضافي جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي رابطن ۽ واپار جي فروغ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ جي به ضرورت آهي. هن چ??و ته ايران سان بلوچستان جي سرحدي عل??ئقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي يقيني بڻائڻ جي به درخواست آهي، ان موقعي تي ايراني صدر چيو ته عل??ئقائي واپار جي فروغ لاءِ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ ۽ بلوچستان جي عل??ئقن کي بجلي جي بنا رنڊڪ فراهمي لاءِ درپيش مسئلن کي فوري حل ڪيو ويندو.