اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اط??اع??ت ۽ نشريات واري وفاقي ??زير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان جي حوالي سان بريفنگ جا انتظام جلد ڪيا ويندا، ايئربيس جي حوالي سان پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي ۽ پرڏيهي آفيس اڳ ۾ ئي پنهنجو تفصيلي موقف ڏئي چڪا آهن، مخالف ڌر جلسن جلوسن بدران تعميري ۽ مثبت سرگرمين تي ڌيان ڏي. پنهنجي هڪ بيان ۾ اط??اع??ت واري وفاقي ??زير چيو ته مخالف ڌر جو چونڊ سڌا??ن کان ڀڄڻ انهن جي موقف جي تضاد جي نشاندهي ڪري ٿو. مخالف ڌر حڪومت سان چونڊ سڌارن تي ڳالهه به نه ٿي ڪرڻ چاهي ۽ چونڊ سڌارا به چاهي ٿي. هن چيو ته مخالف ڌر ڪنفيوز، مايوس ۽ منتشر آهي، انهن جو رخ ۽ ارادا وکريل آهن. حڪومت بار بار مخالف ڌر کي دعوت ڏني ته اچ?? ۽ پارليامينٽ ۾ چونڊ سڌارن تي ڳالهه ڪريو. چوڌري فواد حسين چيو ته پي ڊي ايم ۾ واضح تضاد آهي، هڪ ٽولو جلسا جلسا کيڏڻ چاهي ٿو، ٻيو پارليامينٽ جي اندر ڳالهه ٻولهه جو بيان ڏي ٿو. هن چيو ته مولانا پنهنجي سياسي محرومي جو بدلو جمهوري نظام کان نه وٺي.