فيصل آباد – 22 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي معيشت ۾ 33 بلين ڊالر اض??فو ٿيو آهي، هلندڙ مالي سال جي آخر تائين روانگي واپار جو مجموعي ڪاٿو 26 ملين ڊالر تائين پهچي ويندو، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 44 سيڪڙو، هلندڙ مالي سال جي پ??ري?? 10 مهينن ۾ پرڏيهي ناڻو 24 بلين ڊالر تائين پهچي ويو، اسحاق ڊار جي معيشت سرخي پالش ۽ بيوٽي پارلر واري هئي، پاڻي ذخيرا نه ٺاهيندڙ سياستدان قومي ڏوهاري آ??ن، پي ڊي ايم ٽڪرا ٽڪرا ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي جيلن ۾ ئي گڏ ٿيندا. هو نيشنل اسپتال فيصل آباد ۾ ڪوويڊ 19 وارڊ جي افتتاحي تقريب کانپوءِ صحافين سان ڳالهائي رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪوويڊ 19 جي ڪري سڄي دنيا جي معيشت متاثر ٿي آهي، انهن سمورن چئلينجز جي باوجود عمران خان جي قيادت ۾ موجوده حڪومت معاشي ميدان ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آ??ن، اسان جي معيشت 33 بلين ڊالر جي اض??في سان 4 سيڪڙو تي ترقي ڪري رهي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽس هڪ بلين ڊالر کان سرپلس، ايڪسپورٽس ۾ 13.5 سيڪڙو اض??فو، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 24 بلين ڊالر تائين پهچي ويا آ??ن، روشن ڊيجيٽل اڪائونٽ هڪ بلين ڊالر، يورو بانڊ 2.5 بلين ڊالر، چانور، مڪئي، ڪڻڪ جي رڪارڊ پيداوار، ٽريڪٽر، موٽرسائيڪل، گاڏين جو رڪارڊ وڪرو ۽ ٽيڪسز ??ون رڪارڊ اوڳاڙيون ذڪر جوڳيون آهن.