اسلام آباد – ??هرين جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 2021ع ۾ پاڪستانين کي يونيورسل هيلٿ سروسز ڏينداسين ۽ ڪو پاڪستاني بکيو نه سمهندو، ڪاروبار دوست پاليسيون ٺاهينداسين، صنعتن کي مراعتون ڏينداسين، پاڪستانين کي غربت مان ڪڍڻ، صنعتن کي فروغ، زرعي پيداوار ۾ اضافي لاءِ چين جي تجربن مان رهنمائي حاصل ڪنداسين. هو هتي پاڪس??ان ۾ متعارف ٿيندڙ گاڏين جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو. ا?? موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ جاويد آفريدي به خطاب ڪيو. وزيراعظم جاويد آفريدي ۽ فيصل آبادي کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو ته پاڪس??ان ۾ انڊسٽريلائيزيشن ۾ بهترين حصيدار چين آهي، پاڪس??ان ۾ مقرر چيني سفير ميئر رهي چڪو آهي ۽ هو ترقي جي اهميت کان آگاهه آهي، اسان پاڪس??ان جي مستقبل جي لاءِ چين کان سکي سگهون ٿا، ان جي تيز رفتار ترقي اسان جي لاءِ ماڊل آهي، جه??ي طرح چين ٿوري عرصي ۾ ڪروڙين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، جه??ي طرح صنعتي شعبي کي فروغ ڏنو، جه??ي طرح سرمايو آندو ان جو دنيا ۾ مثال نٿو ملي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ ۽ پاڪستانين کي غربت مان ڪڍڻ حڪومت جو بنيادي هدف آهي. اسان صنعتي اقتصادي زونر ٺاهيا آهن، پوري ڪوشش هوندي چيني صنعت کي هتي پرڪشش مراعتون ڏيون ۽ هتي آڻيون.