اسلام آباد – 31 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر مصطفيِ نواز کوکر جي سربراهي ۾ منعقد ٿيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب ڪميٽي جي اجلاس ۾ معصوم مسيحي ??ار??ي جي اغوا سميت ٻيا معاملا بحث هيٺ آيا، اجلاس ۾ فيصل آباد پوليس عملدارن ڪميٽي کي ٻار??ي جي اغوا جي حوالي سان جاچ عمل ??ان آگاهه ڪيو ۽ ٻڌايو ته ٻار??ي جو ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ کانسواءِ ٻي ضروري ڪارروائي اڪلائي وئي، ٻار??ي جي وارثن ان موقعي تي ٻڌايو ته فرح نالي ٻارڙيءَ ۽ ان جو ڀاءُ وقاص جاڙا آهن، ٻنهي جي پيدائش جي تاريخ فارم (ب) ۾ لکيل آهي، ٻار??ي جي والد پوليس جي رويي جي باري ۾ ڪميٽي کي شڪايت ڪئي، ڪميٽي جي چيئرمين ٻار??ي جي وارثن کي خاطري ڪرائي ته ذميدارن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، ڪميٽي ايس ايس پ?? کي هدايتون ڏنيون ته ان پوري معاملي جي ڇنڊڇاڻ ڪري ڪميٽي کي 6 جنوري 2021ع تي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.