اسلام آباد – 04 جون (اي ??ي پي) ڪورونا وائرس جي وبا جي و??ندڙ رجحان سبب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي 5 جون کان شروع ٿيندڙ سينيٽ جي اجلاس جي لاءِ صحت واري وزارت ۽ صحت جي عالمي اداري پاران جاري ڪيل ايس او پيز تي مڪمل عملدرآمد جي هدايت ڪئي آهي ۽ اجلاس منعقد ڪرڻ جي لاءِ موثر انتظامن جي پڻ هدايت جاري ڪئي آهي. انهن انتظامن موجب پارليامينٽ جو اجلاس باقاعده ??ور تي پاڪستان ٽيليويزن ذريعي سڌوسنئون نشر ڪيو ويندو ته جيئن ميڊيا جي نمائندن کي ڪوريج جي لاءِ متبادل ذريعو ملي سگهي. ميڊيا جي نمائندن کي گ??ارش ڪئي ويندي ته اجلاس جي ڪارروائي لاءِ پي ٽي وي ٽرانسميشن مان فائدو کڻن.