اسلام آباد – 13 مارچ (اي پي پي) تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته قوم کي خاطري ڪرايون ٿا ته ڪرونا وائرس جي وبا جو ڄمي مقابلو ڪنداسين ۽ سڄي قوم کي گڏ کڻي هلنداسين، قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪ??و ويو آهي، ان ?? سمورن صوبن کي به گهرايو ويو آهي ج??هن ۾ ان حوالي سان اهم فيصلا ڪيا ويندا، هر ملڪ ان بيماري جي خلاف پنهنجي طور قدم کڻي رهيو آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڪرونا وائرس جي حوالي سان اٿاريل اعتراض وارن نقطن جو جواب ڏيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته واقعي و??ي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي، حڪومت ان صورتحال کان آگاهه آهي ۽ قدم کنيا پيا وڃن.