ڪراچي – 07 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جو وڏو واپاري مرڪز آ??ي، ڪراچي جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آ??ي، نئين بلدياتي نظام تحت وڏن شهرن جو پنهنجو نظام هوندو، ڪراچي پاڪستان جو حب آ??ي، هتان جي ترقي پاڪستان جي مفاد ۾ آ??ي، ڪراچي بهتر ٿيندو ته پاڪستان بهتر ٿيندو، گذري?? حڪومت جي دور ۾ پنجاب جا 50 سيڪڙو فنڊز لاهور تي خرچ ٿيا، لاهور بهتر ٿيو پر باقي علائقا ترقي کان محروم رهيا، اسان اهڙو بلدياتي نظام آڻي رهيا آهيون جنهن تحت ميئر ۽ ناظم جي سنڌي سنئين چونڊ ٿيندي. گورنر هائوس ڪراچي ۾ مختلف ترقياتي منص??بن جي افتتاحي تقريب جي موقعي تي پنهنجي وڊيو پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته هو موسم خراب هجڻ سبب ان تقريب ۾ ش??ڪت جي لاءِ ڪراچي نه اچي سگهڻ تي ڪراچي جي ماڻهن سان معذورت خواه آهي. ڪراچي اچڻ جو مقصد ڏيڍ سالا اقتدار جي دور ۾ ڪراچي ۾ ش??وع ڪيل 5 منص??بن جو افتتاح ڪرڻو هو جن ۾ ٽن فلائي اوورز ۽ ٻن رستن جي تعمير شامل هئي.