اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي هوالي سان آئوٽ آف دي باڪس ??ل ۽ تجويزن تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن عوام جي قوت برداشت کي نظر ۾ رکڻ کانسواءِ ۽ ملڪي مفادن کي پٺتي رکندي مهانگا ۽ غيرمنطقي معاهدا ۽ انتظام ڪيا جنهن جو نتيجو مهانگي بجلي ۽ گردشي قرض جي صورت ۾ برآمد ٿيا آ??ن، موجوده حڪومت جي اولين ترجيح عوام خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ۽ غر??ت جو شڪار ماڻهن ۽ صنعتن جو فروغ آهي ته جيئن معيشت جو ڦيٿو هلي. هن اها ڳالهه بجلي ۽ گئس جي قيمتن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ گهريلو صارفين ۽ صنعتن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي.